پاڪ فوج پاران پاڪستان جي باني جي جنم ڏينهن تي باباءِ قوم کي شاندار خراج عقيدت پيش

راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، نشانِ امتياز، نشانِ امتياز (ملٽري)، تمغه بسالت ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، نشانِِ امتياز (ملٽري)، هلال جرئت پاڪ فوج طرفان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي …

راولپنڊي-25 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، نشانِ امتياز، نشانِ امتياز (ملٽري)، تمغه بسالت ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، نشانِِ امتياز (ملٽري)، هلال جرئت پاڪ فوج طرفان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي پُرمسرت موقعي تي باباءِ قوم کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب پاڪ فوج قائداعظم جي مضبوط، خودمختيار، جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان جي ويزن سان پنهنجي پختي وابستگي جو ورجاءُ ڪيو جيڪو ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي اصولن تي قائم آهي. بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته قائداعظم جي مثالي قيادت، آئين پسندي ۽ پختو عزم اڄ به قوم ۽ ان جي هٿياربند فوج کي حاضر دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ رهنمائي فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪ فوج ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ ۽ قائداعظم جي نظرين ۽ امنگن موجب قومي استحڪام، امن ۽ ترقي لاءِ پوري لگن سان ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي پاڪ فوج ملڪ جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جون دلي مبارڪون ڏنيون، انهن جي قومي ترقي ۾ قيمتي خدمتن کي ساراهيندي ۽ قائداعظم جي هڪجهڙن حقن، مذهبي آزادي ۽ سمورن شهرين لاءِ هم آهنگي جي ويزن سان وابستگي جو ورجاءُ ڪيو. پاڪ فوج قائداعظم محمد علي جناح جي ورثي کي برقرار رکڻ ۽ عزت، جرئت ۽ عقيدت سان قوم جي خدمت جاري رکڻ جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي.

مزید خبریں