اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي سندس پختي اصولن، ديانتداري ۽ سندس تاريخي جدوجهد کي ساراهيو جنهن تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته قائداعظم جي زندگي قانون جي بالادستي ۽ سچائي جو …
قائداعظم جي زندگي قانون جي بالادستي ۽ سچائي جو روشن مثال آهي: محسن نقوي

مزید خبریں
اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي سندس پختي اصولن، ديانتداري ۽ سندس تاريخي جدوجهد کي ساراهيو جنهن تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ محسن نقوي چيو ته قائداعظم جي زندگي قانون جي بالادستي ۽ سچائي جو روشن مثال آهي. هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن جي تحفظ لاءِ قائداعظم جي عظيم سياسي، سماجي ۽ معاشي جدوجهد کي سلام پيش ڪيو. قائداعظم مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد مسلم رياست جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏنو. پاڪستان جي باني هڪ اهڙي رياست جو تصور پيش ڪيو جيڪو قانون، برابري ۽ مذهبي آزادي جي بنيادن تي قائم ٿيو ۽ هن اقليتن جي حقن جي تحفظ تي خصوصي زور ڀريو. هن چيو ته قائداعظم جا سنهري اصول اهي سبق ڏين ٿا ته قومي ترقي جو رستو ديانتداري، خود احتسابي ۽ اتحاد ۾ لڪل آهي، قائداعظم جي ويزن سان وابستگي جو ورجاءُ ڪندي محسن نقوي چيو ته قوم کي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پائيدار ترقي ۽ خوشحالي صرف قائداعظم جي لازوال نظرين تي عمل ڪري ئي حاصل ڪري سگهجي ٿي.











