اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته قائداعظم مسلمانن جو هٿ پڪڙي کين آزادي ۽ ڌار سڃاڻپ جي راهه ڏيکاري، باباءِ قوم اسان کي مذهبي آزادي، قانون جي حڪمراني، آئيني بالادستي ۽ برابري جو علمبردار هو. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش تي مبارڪن واري پيغام ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته قائداعظم جو ويزن ذاتي مفادن لاءِ …
قائداعظم مسلمانن کي آزادي ۽ ڌار سڃاڻپ جي راهه ڏيکاري: عبدالعليم خان

مزید خبریں
اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته قائداعظم مسلمانن جو هٿ پڪڙي کين آزادي ۽ ڌار سڃاڻپ جي راهه ڏيکاري، باباءِ قوم اسان کي مذهبي آزادي، قانون جي حڪمراني، آئيني بالادستي ۽ برابري جو علمبردار هو. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش تي مبارڪن واري پيغام ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته قائداعظم جو ويزن ذاتي مفادن لاءِ نه هو پر ايندڙ نسلن جي محفوظ مستقبل لاءِ هو، سندس عزم هو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي دنيا جي سمورين قومن سان دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل هجي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت اڄ اسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، قائداعظم جي اصولن تي ٻڌل سياست، ڪڏهن مسلمانن جي بنيادي حقن تي سمجهوتو نه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي باني موجب اڳتي وڌڻ لاءِ سندس رهنما اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو.











