اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته قائداعظم جا اصول اڄ به پاڪستان کي ترقي، استحڪام ۽ قومي هم آهنگي جي راهه تي گامزن رکڻ ۾ رهنما جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، قومي اتحاد پاڪستان جي پائيداري ۽ مضبوطي جو بنياد آهي. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي …
قومي اتحاد پاڪستان جي پائيداري ۽ مضبوطي جو بنياد آهي: سردار اويس احمد خان لغاري

مزید خبریں
اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته قائداعظم جا اصول اڄ به پاڪستان کي ترقي، استحڪام ۽ قومي هم آهنگي جي راهه تي گامزن رکڻ ۾ رهنما جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، قومي اتحاد پاڪستان جي پائيداري ۽ مضبوطي جو بنياد آهي. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته اسان سڀ رنگ، نسل، ٻولي، صوبائيت يا نظرياتي اختلافن کان مٿانهون ٿي ڪري هڪ متحد ۽ منظم قوم طور پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، پاڪستان هڪ روادار، جامع ۽ هڪجهڙن حقن تي ٻڌل معاشرو آهي، حڪومت سمورن شهرين کي بنامذهبي فرق جي هڪجهڙن حقن، تحفظ ۽ موقعن جي فراهمي يقيني بڻائيندي. هن چيو ته اقليتي برادري کي قومي ترقي جي عمل ۾ مڪمل اعتماد ۽ اطمينان سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جا موقعا فراهم آهن. هن چيو ته قائداعظم جي اصولن جي پاسداري ڪندي پاڪستان کي هڪ پائيدار، مضبوط، خودمختيار ۽ عوام دوست ملڪ بڻائڻ لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون.











