اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پيدائش روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. تفيصل موجب قائداعظم محمد علي جناح جي بصيرت ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ اسان کي آزاد وطن پاڪستان نصيب ٿيو، قائداعظم جي دور انديش قيادت ۽ سندس سنهري اصول اڄ به پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهن. يوم قائد اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پاڪستان اسان …
باباءِ قوم جو يوم پيدائش تجديد عهد جو ڏينهن، قائداعظم جي دور انديش قيادت ۽ سندس سنهري اصول اڄ به پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهن
اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جو يوم پيدائش روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. تفيصل موجب قائداعظم محمد علي جناح جي بصيرت ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ اسان کي آزاد وطن پاڪستان نصيب ٿيو، قائداعظم جي دور انديش قيادت ۽ سندس سنهري اصول اڄ به پوري قوم لاءِ مشعل راهه آهن. يوم قائد اسان کي ياد ڏياري ٿو ته پاڪستان اسان جي وڏڙن جي جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي، باباءِ قوم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو. قائداعظم 1926ع کان 1944ع دوران 4 ڀيرا ڪشمير جو دورو ڪيو. يوم قائد پاڪستاني قوم جو ڪشمير سان نظرياتي رشتي کي اجاگر ڪري ٿو. ايمان ، اتحاد ۽ تنظيم جي اصولن تي عمل ڪري ئي اسان سڄي دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪري سگهون ٿا.












