فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ايشيا ڪپ کٽيندڙ پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم سان ملاقات، تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ۽ رانديگرن جي جذبي جي واکاڻ

راولپنڊي  -22 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي.  آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران فيلڊ مارشل ايشيا ڪپ انڊر 19 کٽڻ جي تاريخي معرڪي ۽ شاندار ڪارڪردگي تي رانديگرن، ٽيم مئنيجمينٽ ۽ عملدارن کي گرمجوشي سان مبارڪباد ڏني. هن ٽيم جي نظم ۽ ضبط، …

راولپنڊي  -22 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان پاڪستان انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي.  آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران فيلڊ مارشل ايشيا ڪپ انڊر 19 کٽڻ جي تاريخي معرڪي ۽ شاندار ڪارڪردگي تي رانديگرن، ٽيم مئنيجمينٽ ۽ عملدارن کي گرمجوشي سان مبارڪباد ڏني. هن ٽيم جي نظم ۽ ضبط، گڏيل تعاون ۽ وڙهڻ جي جذبي کي ساراهيندي ان ڪاميابي کي قوم جي لاءِ فخر جوڳو قرار ڏنو. فيلڊ مارشل نوجوان ڪرڪيٽرز جي لڳاءُ ۽ سخت محنت کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته انهن جي اها ڪاميابي پاڪستان جي نوجوانن ۾ لڪيل بي پناهه ٽيلنٽ ۽ صلاحيتن جي عڪاس آهي. هن رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي ته اهي مستقبل ۾ به بهترين ڪارڪردگي جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهن، پيشيواراڻي مهارت جو اعليٰ معيار برقرار رکن ۽ ميدان جي اندر ۽ ٻاهر ملڪ جي بهترين سفير جي طور تي پاڻ کي پيش ڪن. فيلڊ مارشل ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جا نوجوان ملڪ جي مستقبل جو بنياد آهن جن جي توانائي، ٽيلنٽ ۽ ڪردار ئي قومي ترقي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي مقام جو تعين ڪندو. هن نوجوانن کي مختلف شعبن ۾ بااختيار بڻائڻ جي پنهنجي مضبوط يقين جو اظهار ڪيو ته جيئن اهي نظم ۽ ضبط، ديانتداري ۽ لڳاءُ جي ذريعي قومي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن. انڊر 19 ٽيم جي ميمبرن فيلڊ مارشل پاران حوصلا افزائي ۽ حمايت تي سندس ٿورا مڃيندي چيو ته آرمي چيف پاران اها پذيرائي انهن جي لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ جو هڪ وڏو محرڪ ثابت ٿيندي.

مزید خبریں