وزيراعظم پاران انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فاتح پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هر رانديگر جي لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپين جو اعلان

اسلام آباد - 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فاتح پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هر رانديگر جي لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپين جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٽيم قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. هو انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ جي فاتح انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ مانجهاندي کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي گهرو …

اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فاتح پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هر رانديگر جي لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپين جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٽيم قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. هو انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ جي فاتح انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ مانجهاندي کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ کانسواءِ ٽيم جا رانديگر ۽ پي سي بي عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم ٽيم کي شاندار فتح تي شاباس ڏيندي چيو ته ايشيا ڪپ جي فاتح ٽيم قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ٽيم، انتظاميا ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جون ڪوششون ۽ محسن نقوي جي محنت قابل قدر آهي. وزيراعظم شهباز شريف علي رضا ۽ سمير منهاس جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ٽيم جي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورن رانديگرن، ڪوچز ۽ ٻئي اسٽاف کي شاباس ڏني. وزيراعظم چيو ته ڀارت سان جنگ ۾ الله تعاليٰ پاڪستان کي فتح ڏياري. وزيراعظم هر رانديگر جي لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا ۽ ٽيم مئنيجمينٽ جي هر ميمبر جي لاءِ 25، 25 لک رپين جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ايشيا ڪپ ۾ فتح سان قوم ڀرپور خوشيون ملهايون. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته انڊر 19 ٽيم جي فتح اسان جي لاءِ وڏو اعزاز ۽ تاريخي ڏينهن هو. ٽيم جي ڪپتان ۽ رانديگرن انعامن جي اعلان تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته پي سي بي پاران ڀرپور تعاون مليو، ڪوچز ڪئمپس جي دوران ڀرپور محنت ڪرائي.

مزید خبریں