اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) انڊر-19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏئي وطن واپس پهتل پاڪستاني انڊر -19 ڪرڪيٽ ٽيم جو اسلام آباد هوائي اڏي تي شاندار استقبال ڪيو ويو. پي سي بي طرفان جاري ڪيل تفصيلن مطابق ٽيم جي آمد تي جشن جو ماحول هو ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن جو وڏو انگ موجود هو جن پنهنجي هيروز جي آمد تي هوائي اڏي …
انڊر-19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏيندڙ انڊر -19 ڪرڪيٽ ٽيم جو اسلام آباد هوائي اڏي تي شاندار استقبال

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) انڊر-19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارت کي شڪست ڏئي وطن واپس پهتل پاڪستاني انڊر -19 ڪرڪيٽ ٽيم جو اسلام آباد هوائي اڏي تي شاندار استقبال ڪيو ويو. پي سي بي طرفان جاري ڪيل تفصيلن مطابق ٽيم جي آمد تي جشن جو ماحول هو ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن جو وڏو انگ موجود هو جن پنهنجي هيروز جي آمد تي هوائي اڏي تي شاندار استقبال ڪيو. رانديگرن ۽ ٻئي عملي جو استقبال پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد سيد، ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ۽ پي سي بي جي ٻين اعليٰ عملدارن ڪيو. ان موقعي تي رانديگرن کي مبارڪون ڏنيون ويون ۽ سندن شاندار ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي وئي. پاڪستان انڊر-19 ٽيم آچر ڏينهن دبئي ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارتي انڊر -19 ٽيم کي شڪست ڏئي ايشيا ڪپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو. استقبال جي موقعي تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو. پي سي بي اختيارين ان موقعي تي چيو ته انڊر -19 ٽيم جي اها ڪاميابي پاڪستان ڪرڪيٽ جي روشن مستقبل جي علامت آهي ۽ نوجوان رانديگرن پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو.











