آسٽريليا انگلينڊ کي ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ 82 رنسن تان هارائي ايشز سيريز کٽي ورتي

ايڊيليڊ-21 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا انگلينڊ کي ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ 82 رنسن تان شڪست ڏئي ايشز سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. انگلش ٽيم ٽيسٽ جي آخري ڏينهن 435 رنسن جي هدف ۾ 207 رنسون 6 رانديگرن جي آئوٽ تي اننگز ٻيهر شروع ڪئي ته جيمي اسمٿ، ول جيڪس ۽ بريڊن ڪارس ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي انگلينڊ جي اميدن کي ڪجهه دير لاءِ زنده رکيو پر اها …

ايڊيليڊ-21 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا انگلينڊ کي ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ 82 رنسن تان شڪست ڏئي ايشز سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. انگلش ٽيم ٽيسٽ جي آخري ڏينهن 435 رنسن جي هدف ۾ 207 رنسون 6 رانديگرن جي آئوٽ تي اننگز ٻيهر شروع ڪئي ته جيمي اسمٿ، ول جيڪس ۽ بريڊن ڪارس ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي انگلينڊ جي اميدن کي ڪجهه دير لاءِ زنده رکيو پر اها ڪوشش سيريز بچائڻ لاءِ ناڪافي ثابت ٿي. جيمي اسمٿ ۽ ول جيڪس ستين وڪيٽ ۾ 91 رنسن جي حصيداري قائم ڪري ٽيم جو اسڪور 337 تائين پهچايو. ان موقعي تي مچل اسٽارڪ جيمي اسمٿ کي 60 جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ڪري پنهنجي ٽيم کي اهم ڪاميابي ڏياري. ول جيڪس به 47 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي مچل اسٽارڪ جو شڪار بڻجي ويو.اهڙي ريت پوري ٽيم 352 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، ايليڪس ڪيري کي شاندار ڪارڪردگي تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، هن پهرين اننگز ۾ 106 ۽ ٻي اننگز ۾ 72 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته وڪيٽن پويان 6 ڪيچ وٺي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

مزید خبریں