نيوزيلينڊ جي اوپنرز ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو غير معمولي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

مائونٽ مونگانوئي-21 ڊسمبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي اوپنرز  ويسٽ انڊيز خلاف سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو غير معمولي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ٻنهي اوپنرز ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪيون، نيوزي لينڊ جي ٽام ليٿم ۽ ڊيون ڪانوي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو اهو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، ٻي اننگر ۾ ٽام ليٿم 101 جڏهن ته ڊيون ڪانوي 100 …

مائونٽ مونگانوئي-21 ڊسمبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي اوپنرز  ويسٽ انڊيز خلاف سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو غير معمولي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ٻنهي اوپنرز ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪيون، نيوزي لينڊ جي ٽام ليٿم ۽ ڊيون ڪانوي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جو اهو رڪارڊ قائم ڪيو آهي، ٻي اننگر ۾ ٽام ليٿم 101 جڏهن ته ڊيون ڪانوي 100 رنسون ٺاهيون، پهرين اننگز ۾ ٽام ليٿم 137 ۽ ڊيون ڪانوي 227 رنسون اسڪور ڪيون هيون. واضح رهي ته نيوزي لينڊ سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي کٽڻ لاءِ 462 رنسن جو ڏکيو هدف ڏنو آهي.

مزید خبریں