پاڪستان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايشيا ڪپ انڊر 19 ون ڊي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاءِ بڻائي ورتي

 دبئي-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايشيا ڪپ انڊر 19 ون ڊي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاءِ بڻائي ورتي. گذريل ڏينهن دبئي ۾ کيڏيل سيمي فائنل ۾ پاڪستان انڊر 19 دفاعي چيمپئن بنگلاديش انڊر 19 کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. برسات ۽ پُسيل آئوٽ فيلڊ سبب ميچ کي 27 اوورن تائين محدود ڪيو ويو. پاڪستان انڊر 19 ٽاس کٽي بنگلاديش کي بيٽنگ جي …

 دبئي-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايشيا ڪپ انڊر 19 ون ڊي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاءِ بڻائي ورتي. گذريل ڏينهن دبئي ۾ کيڏيل سيمي فائنل ۾ پاڪستان انڊر 19 دفاعي چيمپئن بنگلاديش انڊر 19 کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. برسات ۽ پُسيل آئوٽ فيلڊ سبب ميچ کي 27 اوورن تائين محدود ڪيو ويو. پاڪستان انڊر 19 ٽاس کٽي بنگلاديش کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. بنگلاديشي ٽيم 26.3 اوورز ۾ 121 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. سميع النبصير 33 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته ڪپتان عزيز الحڪيم 20 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان عبدالسبحان شاندار بالنگ ڪندي 20 رنسن عيوض 4 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ حريف بيٽنگ لائن کي مشڪلاتن کي گهيري ڇڏيو. حذيفه احسن 2 جڏهن ته علي رضا، محمد صيام ۽ احمد حسين هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. عبدالسبحان ان کان اڳ ڀارت خلاف 3 ۽ گڏيل عرب امارتن خلاف 4 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي. جواب ۾ پاڪستان انڊر 19 گهربل هدف آسانيءَ سان 16.3 اوورز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. سمير منهاس شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ناقابل شڪست 69 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 6 چؤڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا. هن عثمان خان سان ٻي وڪيٽ جي حصيداريءَ ۾ 85 رنسن جو واڌارو ڪيو. عثمان خان 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. عبدالسبحان کي شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگيءَ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. هاڻ پاڪستان انڊر 19، 21 ڊسمبر تي ٿيندڙ فائنل ۾ روايتي مخالف ڀارت انڊر 19 سان مقابلو ڪندو، جنهن ٻئي سيمي فائنل ۾ سريلنڪا انڊر 19 کي 8 وڪيٽن کي شڪست ڏني.

مزید خبریں