ڪاڪسزبازار-10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ويمنز انڊر 19 ٽيم، چوٿين ٽي 20 ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ميزبان بنگلاديش انڊر 19 کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز 2-2 تان برابر ڪري ڇڏي. پي سي بي مطابق اربع ڏينهن ڪاڪسزبارار اڪيڊمي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بنگلاديش، پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي …
پاڪستان ويمنز انڊر 19 ٽيم پاران چوٿين ٽي 20 ڪرڪيٽ ميچ ۾ بنگلاديش ويمنز کي 6 وڪيٽن تان شڪست

مزید خبریں
ڪاڪسزبازار-10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ويمنز انڊر 19 ٽيم، چوٿين ٽي 20 ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ميزبان بنگلاديش انڊر 19 کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز 2-2 تان برابر ڪري ڇڏي. پي سي بي مطابق اربع ڏينهن ڪاڪسزبارار اڪيڊمي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. بنگلاديش، پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 126 رنسون ٺاهيون. اچينا جنتا 35، ميمونه نهار 24 ۽ سمعيه اختر 20 رنسون ٺاهي نمايان رهيون. پاڪستان طرفان روزينه اڪرم ۽ ميمونه خالد 2،2 وڪٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ پاڪستان گهربل هدف 18.1 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. اوپنر فضا فياض شاندار بيٽنگ ڪندي ناٽ آئوٽ 52 رنسون اسڪور ڪيون جنهن ۾ 5 چوڪا ۽ 3 ڇڪا شامل هئا. ڪپتان ايمان نصير به ذميواراڻي راند پيش ڪئي ۽ 42 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ڪومل خان 22 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش طرفان جرين تسنيم 3 وڪيٽون حاصل ڪيون. فضا فياض کي شاندار نصف سينچري اسڪور ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي 5 ۽ فيصلائتي ميچ 12 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.











