لنڊن-08 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ کي دنيا جي نمبر ون ٽي 20 ليگ بنائڻ بنيادي مشن آهي، جنهن لاءِ ملڪي ڪرڪيٽ انفراسٽرڪچر کي عالمي معيار موجب اختيار ڪيو پيو وڃي. هن اعلان ڪيو ته اسلام آباد ۾ جديد ترين، عالمي سهولتون رکندڙ ڪرڪيٽ اسٽيڊم تعمير ڪيو ويندو، جڏهن ته مظفر آباد ۾ به عالمي …
پاڪستان سپر ليگ کي دنيا جي نمبر ون ٽي 20 ليگ بنائڻ بنيادي مشن آهي: محسن نقوي

مزید خبریں
لنڊن-08 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ کي دنيا جي نمبر ون ٽي 20 ليگ بنائڻ بنيادي مشن آهي، جنهن لاءِ ملڪي ڪرڪيٽ انفراسٽرڪچر کي عالمي معيار موجب اختيار ڪيو پيو وڃي. هن اعلان ڪيو ته اسلام آباد ۾ جديد ترين، عالمي سهولتون رکندڙ ڪرڪيٽ اسٽيڊم تعمير ڪيو ويندو، جڏهن ته مظفر آباد ۾ به عالمي معيار جو نئون ڪرڪيٽ اسٽيڊيم بڻايو ويندو. هو لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيل تاريخي پي ايس ايل لنڊن روڊ شو کي خطاب ڪري رهيو هو. هن ٻُڌايو ته پي ايس ايل کي لميٽيڊ ڪمپني بنائڻ جي منظوري کانپوءِ ان کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ آءِ پي او به جاري ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڊسمبر کان پي ايس ايل 11 جي شروعات تائين سڄي ملڪ جي سمورن وينيوز تي ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ خاص ڪنسرٽس منعقد ڪيا ويندا ته جيئن ليگ کي عالمي سطح تي وڌيڪ اجاگر ڪري سگهجي. پي سي بي چيئرمين چيو ته پي ايس ايل هاڻ هڪ مستحڪم عالمي برانڊ طور تي سامهون اچي رهيو آهي ۽ ان جي عالمي براڊ ڪاسٽ ريج ۾ واڌ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان ئي سلسلي ۾ پي ايس ايل جي انٽرنيشنل ميڊيا رائٽس جو نئون ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پي سي بي، او ٽي ٽي پليٽ فارم ”پي سي بي لائيو“ به لانچ ڪري ڇڏيو آهي. محسن نقوي ٽورنامينٽ جي انعامي ڍانچي جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته پي ايس ايل 11 جي کٽيندڙ ٽيم لاءِ 5 لک ڊالر جڏهن ته رنرز اپ ٽيم لاءِ 3 لک ڊالر جو انعام مقرر ڪيو ويو آهي. بهترين ڪرڪيٽ ڊولپمينٽ ڪندڙ فرنچائيز کي 2 لک ڊالر ڏنا ويندا. سندس چوڻ هو ته پي ايس ايل ۾ سيڙپڪارن لاءِ وسيع موقعا موجود آهن ۽ ان حوالي سان هاڪاري اڳڀرائي جاري آهي. روڊ شو دوران منعقد ڪيل ويهڪ ۾ اڳوڻو ڪرڪيٽر وسيم اڪرم، پي سي بي جو اڳوڻو چيئرمين رميز راجا ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلمان نصير پڻ شريڪ هئا.











