پاڪستان ٽي- 20 ٽيم ايندڙ مهيني سريلنڪا جو دورو ڪندي: ترجمان

لاهور -02 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ٽي- 20 ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني سريلنڪا جو دورو ڪندي، جتي هو 3 ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز ۾ حصو وٺندي. اهو دورو آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ قومي ٽيم جي تيارين جو اهم حصو قرار ڏنو پيو وڃي. پي سي بي ترجمان مطابق پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ سمورا ميچ دمبولا جي رنگيري دمبولا انٽرنيشنل ڪرڪيٽ …

لاهور -02 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ٽي- 20 ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني سريلنڪا جو دورو ڪندي، جتي هو 3 ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز ۾ حصو وٺندي. اهو دورو آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ قومي ٽيم جي تيارين جو اهم حصو قرار ڏنو پيو وڃي. پي سي بي ترجمان مطابق پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ سمورا ميچ دمبولا جي رنگيري دمبولا انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ترتيبوار 7 ، 9 ۽ 11 جنوري تي کيڏيا ويندا. بورڊ اختيارن جو چوڻ آهي ته اها سيريز قومي ٽيم کي عالمي ايونٽ کان اڳ ڀرپور مشق ۽ ڪامبينيشن  بڻائڻ جو سونهري موقعو فراهم ڪندي. واضح رهي ته پاڪستان کي ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ گروپ اي ۾ رکيو ويو آهي ۽ گرين شرٽس پنهنجا سمورا گروپ ميچ ڪولمبو ۾ کيڏندي. عالمي ايونٽ 7 فيبروري کان 8 مارچ تائين جاري رهندو.

مزید خبریں