ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم هٿان 25 سالن بعد ڀارتي ٽيم 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش

گوهاٽي -26 نومبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارتي ٽيم کي گوهاٽي ٽيسٽ ميچ ۾ 408 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي 25 سالن بعد 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ڏکڻ آفريقا جي بالرن جي شاندار بالنگ عيوض گوهاٽي ۾ کيڏيل ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پنجين ڏينهن ميزبان ڀارتي ٽيم 549 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي …

گوهاٽي -26 نومبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارتي ٽيم کي گوهاٽي ٽيسٽ ميچ ۾ 408 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي 25 سالن بعد 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ڏکڻ آفريقا جي بالرن جي شاندار بالنگ عيوض گوهاٽي ۾ کيڏيل ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پنجين ڏينهن ميزبان ڀارتي ٽيم 549 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ رڳو 140 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اها ڀارت جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ رنسن جي اعتبار کان سڀ کان وڏي شڪست آهي. ڏکڻ آفريقا جي مارڪو جانسن کي آل رائونڊ ڪارڪردگي تي ميچ جو هيرو جڏهن ته سائمن هارمر کي سيريز جو بهترين رانديگرن قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ 2000ع ۾ ڀارتي سر زمين تي ڏکڻ آفريقا ٽيسٽ سيريز کٽي هئي ۽ 25 سالن کان پوءِ اهو ٻيهر ممڪن ٿيو.

مزید خبریں