ٽه ملڪي ٽي 20 سيريز: زمبابوي ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ اڱاري ڏينهن کيڏيو ويندو

راولپنڊي- 24 نومبر (اي پي پي) ٽه ملڪي ٽي 20 سيريز جي پنجين ميچ اڱاري ڏينهن زمبابوي ۽ سريلنڪا وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، ميچ مقامي وقت مطابق شام 6 وڳي شروع ٿيندي. زمبابوين ٽيم آل رانڊر سڪندر رضا جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته سريلنڪا جي ٽيم جي اڳواڻي ڊاسن شناڪا ڪندو. ان کان اڳ زمبابوي جي ٽيم سريلنڪا کي شڪست ڏئي چڪي آهي، …

راولپنڊي- 24 نومبر (اي پي پي) ٽه ملڪي ٽي 20 سيريز جي پنجين ميچ اڱاري ڏينهن زمبابوي ۽ سريلنڪا وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو، ميچ مقامي وقت مطابق شام 6 وڳي شروع ٿيندي. زمبابوين ٽيم آل رانڊر سڪندر رضا جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته سريلنڪا جي ٽيم جي اڳواڻي ڊاسن شناڪا ڪندو. ان کان اڳ زمبابوي جي ٽيم سريلنڪا کي شڪست ڏئي چڪي آهي، ان ئي سبب فائنل ۾ پهچ لاءِ هي ميچ ٻنهي ٽيمن لاءِ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. ميچ دوران سيڪيورٽي جي حوالي سان راولپنڊي پوليس سخت انتظام ڪيا آهن. سي پي او سيد خالد همداني، ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايس پي انويسٽي گيشن، چيف ٽريفڪ آفيسر، ڊويزنل ايس پيز سميت ٻيا آفيسر سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ پلان جي نگراني ڪندا. سي پي او ٻڌايو ته 5500 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي تي مقرر آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ 350 کان وڌيڪ ٽريفڪ وارڊنز پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهن.

مزید خبریں