راولپنڊي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ توسيع جي اهم مرحلي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي موجب ليگ ۾ شامل ڪيل ٻن نئين فرنچائزز جي نيلامي 6 جنوري 2026ع تي ٿيندي جنهن لاءِ امڪاني شهرن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. پي سي بي پاران جاري ڪيل بيان موجب فيصل آباد، راولپنڊي ۽ حيدرآباد سميت سيالڪوٽ، مظفرآباد ۽ گلگت کي به امڪاني …
پاڪستان سپر ليگ ۾ توسيع جو اعلان، ٻن نيئن فرنچائزز جي نيلامي 6 جنوري 2026ع تي ٿيندي

مزید خبریں
راولپنڊي-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ توسيع جي اهم مرحلي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پي سي بي موجب ليگ ۾ شامل ڪيل ٻن نئين فرنچائزز جي نيلامي 6 جنوري 2026ع تي ٿيندي جنهن لاءِ امڪاني شهرن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. پي سي بي پاران جاري ڪيل بيان موجب فيصل آباد، راولپنڊي ۽ حيدرآباد سميت سيالڪوٽ، مظفرآباد ۽ گلگت کي به امڪاني فرنچائزز طور شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي. انهن شهرن مان ٻن نون شهرن کي پي ايس ايل جو حصو بڻايو ويندو. بورڊ موجب صرف ٽيڪنيڪلي ڪواليفائيڊ واڪ ڏيندڙ ئي نيلامي جي عمل ۾ شريڪ ٿي سگهندا. ان سلسلي ۾ پي سي بي طريقيڪار، قاعدن ۽ نيلامي جي معيار موجب رهنما اصول پڻ جاري ڪيا آهن. پي ايس ايل جي سي اي او سلمان نصير چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ عالمي معيار جي ٽي – 20 ليگ طور ترقي ڪري رهي آهي، پي ايس ايل ۾ توسيع نه رڳو چٽاڀيٽي ۾ اضافو ڪندي پر ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، پي سي بي موجب نئين فرنچائزز جي شامل ٿيڻ سان ليگ وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ مداحن کي وڌيڪ دلچسپ ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ ملندي.











