راولپنڊي - 19 نومبر (اي پي پي ) ٽه ملڪي ٽي - 20 سيريز جو ٻيو ميچ خميس ڏينهن سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ميچ شام جو 6 وڳي شروع ٿيندي. سريلنڪا جي ٽيم ڊاسن شناڪا جي قيادت ۾ ميدان لهندي جڏهن ته زمبابوي جي اڳواڻي سڪندر رضا ڪندو. ياد رهي ته زمبابوي کي سيريز جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان هٿان پنجن …
ٽه ملڪي ٽي – 20 سيريز جو ٻيو ميچ 20 نومبر تي سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو

مزید خبریں
راولپنڊي – 19 نومبر (اي پي پي ) ٽه ملڪي ٽي – 20 سيريز جو ٻيو ميچ خميس ڏينهن سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ميچ شام جو 6 وڳي شروع ٿيندي. سريلنڪا جي ٽيم ڊاسن شناڪا جي قيادت ۾ ميدان لهندي جڏهن ته زمبابوي جي اڳواڻي سڪندر رضا ڪندو. ياد رهي ته زمبابوي کي سيريز جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان هٿان پنجن وڪيٽن تان شڪست ٿي هئي.











