قومي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي پاران سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ٽيمن جي اعزاز ۾ رات جي مانيءَ جو بندوبست

اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي پاڪستان جي دوري تي آيل سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ رات جي ماني جو بندوبست ڪيو. هتي جاري بيان مطابق ان موقعي تي قومي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ سان گڏوگڏ دورو ڪندڙ ٽيمن جي رانديگرن به شرڪت ڪئي، مهمانن لاءِ مختلف قسم جي پاڪستاني کاڌن جو …

اسلام آباد- 16 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي پاڪستان جي دوري تي آيل سريلنڪا ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ رات جي ماني جو بندوبست ڪيو. هتي جاري بيان مطابق ان موقعي تي قومي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ سان گڏوگڏ دورو ڪندڙ ٽيمن جي رانديگرن به شرڪت ڪئي، مهمانن لاءِ مختلف قسم جي پاڪستاني کاڌن جو بندوبست ڪيو ويو. سريلنڪن ۽ زمبابوي جي رانديگرن مقامي کاڌن ۽ ميزباني جي تعريف ڪئي. تقريب سان ٽيمن کي پاڻ ۾ رابطو قائم ڪرڻ ۽ غير رسمي ڳالهيون ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن سان راندين جي روح ۽ دوستي جي جذبي کي هٿي ملي. دورو ڪندڙ ٽيمن شاهين آفريدي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڏنل آجيان ۽ مهمان نوازي جي تعريف ڪئي.