آرامڪو اسٽيڊيم ۾ اڏاوتي ڪم جاري، 47 هزار ماڻهن  جي گنجائش

 رياض _14 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي شهر الخبر ۾ 8 لک چورس ميٽر جي ايراضي تي تعمير ڪيل آرامڪو اسٽيڊيم کي اي ايف سي ايشين ڪپ 2027ع ۽ فيفا ورلڊڪپ 2034ع جي ميزباني لاءِ عالمي معيار مطابق جديد سهولت سان آراسته ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ 47 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽيڊيم ۾ جديد ڏسڻ وارو نظام نصب ڪيو …

 رياض _14 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي شهر الخبر ۾ 8 لک چورس ميٽر جي ايراضي تي تعمير ڪيل آرامڪو اسٽيڊيم کي اي ايف سي ايشين ڪپ 2027ع ۽ فيفا ورلڊڪپ 2034ع جي ميزباني لاءِ عالمي معيار مطابق جديد سهولت سان آراسته ڪيو پيو وڃي، جنهن ۾ 47 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اسٽيڊيم ۾ جديد ڏسڻ وارو نظام نصب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چار وڏيون اسڪرينيون شامل آهن جن جي مجموعي ايراضي 300 چورس ميٽر آهي. فيفا ورلڊ ڪپ 2034ع، فٽبال جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عالمي ايونٽ هوندو جنهن ۾ 48 ٽيمون حصو وٺنديون. سعودي عرب جي 5 شهرن رياض، جده، الخبر، نيوم ۽ اڀا ۾ ميچون منعقد ڪيون وينديون.