راولپنڊي-13 نومبر (اي پي پي) ٽه ملڪي ٽي - 20 ڪرڪيٽ سيريز 18 نومبر کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽه ملڪي سيريز جي نظرثاني ٿيل شيڊول جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ميزبان پاڪستان کانسواءِ سريلنڪا ۽ زمبابوي جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. ترميم ٿيل شيڊول موجب سيريز جون سموريون 7 ميچون جن ۾ فائنل به شامل آهي، راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ …
ٽه ملڪي ٽي – 20 ڪرڪيٽ سيريز 18 نومبر کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي

مزید خبریں
راولپنڊي-13 نومبر (اي پي پي) ٽه ملڪي ٽي – 20 ڪرڪيٽ سيريز 18 نومبر کان راولپنڊي ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ٽه ملڪي سيريز جي نظرثاني ٿيل شيڊول جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ميزبان پاڪستان کانسواءِ سريلنڪا ۽ زمبابوي جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. ترميم ٿيل شيڊول موجب سيريز جون سموريون 7 ميچون جن ۾ فائنل به شامل آهي، راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. سمورين ميچن جي شروعات مقامي وقت موجب شام 6 وڳي ٿيندي. افتتاحي ميچ 18 نومبر تي پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ کيڏيو ويندو. هر ٽيم چار ميچ کيڏندي جڏهن ته پوائنٽس ٽيبل تي سرفهرست ٻه ٽيمون 29 نومبر تي فائنل ۾ آمهون سامهون هونديون.











