قومي عورتن جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم ويمنز ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ خميس تي ڪولمبو رواني ٿيندي

اسلام آباد - 12 نومبر (اي پي پي) 21 رڪني قومي عورتن جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم پھرين بلائنڊ ويمنز ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ خميس ڏينھن ڪولمبو لاءِ روانو ٿيندي. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائنڊ ڪرڪيٽ لميٽڊ جي صدر سيد سلطان شاھه اي پي پي کي ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ ۾ 16 رانديگراڻيون ۽ پنج آفيشل خميس ڏينھن سريلنڪا روانو ٿي ويندا. ھن چيو …

اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) 21 رڪني قومي عورتن جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم پھرين بلائنڊ ويمنز ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ خميس ڏينھن ڪولمبو لاءِ روانو ٿيندي. پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائنڊ ڪرڪيٽ لميٽڊ جي صدر سيد سلطان شاھه اي پي پي کي ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ ۾ 16 رانديگراڻيون ۽ پنج آفيشل خميس ڏينھن سريلنڪا روانو ٿي ويندا. ھن چيو ته قومي عورتن جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت نمرا رفيق ڪندي جڏھن ته ايشا فيصل نائب ڪپتان ھوندي. ٻين رانديگراڻين ۾ شمائلا ڪرن، رمشا بشير، قنديل فاطمه، سميرا ملڪ، خوريه ملڪ، مريم جھانگير، نصرت بتول، رابعه ھاشمي، بشريٰ اشرف، مھرين علي، نشه بخش، نور فاطمه، آرمين طارق ۽ بسمه حسين شامل آھن جڏھن ته آفيشلز ۾ طاھر محمود بٽ ھيڊ ڪوچ. ابرار ڪوچ، سيده شنزه سلطان فزيو، رباب زھره ٽرينر ۽ وسيم احمد مينيجر طور ميڊيا سان گڏ هوندا ، سيد سلطان شاھه ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ ۾ 6 ملڪن جون ٽيمون شرڪت ڪري رھيون آھن جنھن ۾ پاڪستان، ڀارت، نيپال، سريلنڪا، آمريڪا ۽ آسٽريليا شامل آھن. ورلڊ ڪپ ٽي-20 بلائنڊ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڀارت ۾ 11 نومبر کان جاري آھي جڏھن ته پاڪستان جون ميچون سريلنڪا ڪولمبو ۾ کيڏيون وينديون. پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ پنھنجي پھرين ميچ 21 رڪني قومي عورتن جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم پھرين بلائنڊ ويمنز ٽي-20 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ اڄ خميس تي ڪولمبو لاءِ روانو ٿيندي. پاڪستان پاران ورلڊ ڪپ ۾ پنھنجي پھرين ميچ 15 نومبر تي سريلنڪا خلاف کيڏي ويندي، ٻي ميچ ۾ قومي عورتن جي ٽيم 16 نومبر تي ڀارتي عورتن جي ٽيم سان مقابلو ڪندي، پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ ميچ 18 نومبر تي کيڏي ويندي.