راولپنڊي-12نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جو ٻيو ميچ خميس ڏينهن راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. قومي ٽيم کي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان شاندار مقابلي کانپوءِ سريلنڪا کي 6 رنسن تان شڪست ڏني هئي. پاڪستاني ٽيم جي قيادت فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ڪندو جڏهن ته سريلنڪن ٽيم …
پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻيو ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ خميس تي کيڏيو ويندو

مزید خبریں
راولپنڊي-12نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جو ٻيو ميچ خميس ڏينهن راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. قومي ٽيم کي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. پهرين ون ڊي ۾ پاڪستان شاندار مقابلي کانپوءِ سريلنڪا کي 6 رنسن تان شڪست ڏني هئي. پاڪستاني ٽيم جي قيادت فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ڪندو جڏهن ته سريلنڪن ٽيم چاريٿ اسلانڪا جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. ميچ مقامي وقت موجب ٻنپهرن جو ڏيڍ وڳي شروع ٿيندي. سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 15 نومبر تي انهي هنڌ تي کيڏي ويندي. راولپنڊي پوليس طرفان ٻي ون ڊي جي موقعي تي فول پروف سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ته جيئن ٽيمن کي محفوظ ۽ پرامن ماحول فراهم ڪري سگهجي. پوليس ترجمان موجب سيڪيورٽي ڊيوٽي لاءِ 5500 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته 350 کان وڌيڪ ٽريفڪ وارڊنز ۽ آفيسر ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. سيڪيورٽي انتظامن جي مانيٽرنگ لاءِ جديد سي سي ٽي وي ڪئميرائن تي ٻڌل خصوصي ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي. شهرين جي سهولت لاءِ ٽريفڪ پلان به جوڙيو ويو آهي ۽ متبادل رستن جي رهنمائي لاءِ اضافي عملو به مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪرڪيٽ جي شوقينن کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي کي منهن نه ڏيڻو پوي.











