ويسٽ انڊيز جو اڳوڻو فاسٽ بالر ريون ڪنگ پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي ٽي-20 ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ميچ ريفري مقرر

راولپنڊي -12 نومبر(اي پي پي) ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي فاسٽ بالر ريون ڪنگ کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي ٽي-20 ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي.  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب اهو ٽورنامينٽ 17 کان 29 نومبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جون ٽيمون حصو وٺنديون. سيريز دوران امپائرنگ جا فرض احسن رضا، فيصل آفريدي، راشد رياض، طارق رشيد ۽ …

راولپنڊي -12 نومبر(اي پي پي) ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي فاسٽ بالر ريون ڪنگ کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ ٽه ملڪي ٽي-20 ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو آهي.  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب اهو ٽورنامينٽ 17 کان 29 نومبر تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ منعقد ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان، سريلنڪا ۽ زمبابوي جون ٽيمون حصو وٺنديون. سيريز دوران امپائرنگ جا فرض احسن رضا، فيصل آفريدي، راشد رياض، طارق رشيد ۽ آصف يعقوب انجام ڏيندا. ايونٽ جو فائينل 29 نومبر تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي اختيارين موجب ٽه ملڪي ٽي-20 سيريز جو مقصد راندين کي ٽي-20  ورلڊ ڪپ کان اڳ ڀرپور تياري جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي.