نيوزيلينڊ ويسٽ انڊيز کي ٽين ٽي-20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ ۾ 9 رنسن تان هارائي ڇڏيو

نيلسن -09 نومبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ ويسٽ انڊيز کي ٽين ٽي-20  انٽرنيشنل ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد 9 رنسن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-2 تان برتري حاصل ڪري ورتي آهي. نيلسن ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 177 رنسون ٺاهيون. ڊيون ڪونوي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 56 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ ويسٽ …

نيلسن -09 نومبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ ويسٽ انڊيز کي ٽين ٽي-20  انٽرنيشنل ميچ ۾ دلچسپ مقابلي بعد 9 رنسن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-2 تان برتري حاصل ڪري ورتي آهي. نيلسن ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرره 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 177 رنسون ٺاهيون. ڊيون ڪونوي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 56 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ باوجود ڪامياب نه ٿي ۽ 19.5 اوورن ۾ 168 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. روميرو شيفرڊ 49 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهيو. بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ايش سوڌي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.