محمد عرفان خان ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز 2025ع لاءِ ڪپتان مقرر

لاهور-07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مردن جي ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز 2025ع لاءِ محمد عرفان خان کي پاڪستان شاهينز جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هي ايونٽ قطر ۾ 14 کان 23 نومبر تائين کيڏيو ويندو. پي سي بي جي ترجمان موجب 8 ٽيمن تي ٻَڌل ان ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان شاهينز کي گروپ بي ۾ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ عمان، انڊيا اي ۽ يو اي اي …

لاهور-07 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مردن جي ايشيا ڪپ رائزنگ اسٽارز 2025ع لاءِ محمد عرفان خان کي پاڪستان شاهينز جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي. هي ايونٽ قطر ۾ 14 کان 23 نومبر تائين کيڏيو ويندو. پي سي بي جي ترجمان موجب 8 ٽيمن تي ٻَڌل ان ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان شاهينز کي گروپ بي ۾ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ عمان، انڊيا اي ۽ يو اي اي شامل آهن. گروپ اي ۾ افغانستان اي، بنگلاديش اي، هانگ ڪانگ ۽ سريلنڪا اي شامل هونديون. پاڪستان شاهينز پنهنجي مهم جي شروعات 14 نومبر تي عمان خلاف ڪندا. ٻي ميچ 16 نومبر تي انڊيا اي خلاف جڏهن ته ٽيون گروپ ميچ 18 نومبر تي يو اي اي خلاف کيڏي ويندي. سمورا ميچز ويسٽ اينڊ پارڪ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم دوحه ۾ ٿيندا. ٽورنامينٽ جي فارميٽ موجب هر گروپ جون ٻه نمايان ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، جيڪي 21 نومبر تي ٿيندا، جڏهن ته فائنل 23 نومبر تي کيڏيو ويندو.