سينيٽ چيئرمين پاران پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻن ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

باڪو-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻن ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ گڏيل عرب امارتن جي شهرين کي پاڪستان جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جي دوري جي دعوت ڏني ته جيئن ثقافتي هم آهنگي ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري …

باڪو-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻن ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ گڏيل عرب امارتن جي شهرين کي پاڪستان جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جي دوري جي دعوت ڏني ته جيئن ثقافتي هم آهنگي ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب آذربائيجان جي آئين جي 30 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد عالمي پارلياماني ڪانفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني گڏيل عرب امارتن جي وفاقي نيشنل ڪائونسل جي اسپيڪر صقر غباش سان اهم ملاقات ڪئي. ان دوران پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻن ۽ اعتماد تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي پارلياماني تعاون کي گڏيل مفاهمت، علائقائي استحڪام ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ جو موثر ذريعو قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين اپريل 2025ع ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 14 يادداشتن تي صحيح کي ساراهيو جن جو تعلق واپار، بئنڪاري، معدنيات ۽ ثقافتي مٽاسٽا جهڙن اهم شعبن سان آهي. ملاقات دوران سينيٽ چيئرمين اسپيڪر صقر غباش کي اسلام آباد ۾ 10 کان 12 نومبر تي رٿيل عالمي پارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني. هن چيو ته هي ڪانفرنس امن، ترقي، سلامتي ۽ پارلياماني تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ جو هڪ موثر پليٽ فارم فراهم ڪندي. سينيٽ چيئرمين اسپيڪر صقر غباش جي قيادت کي ساراهيندي پارلياماني فرينڊشپ گروپس ذريعي تعاون جي تسلسل کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو ۽ ٻطرفن تحقيقي پروگرامن، آئن لائن سيمينارز ۽ عالمي چئلينجز جهڙوڪ ماحولياتي تبديلي،تعليم، تجديد جوڳي توانائي تي گڏيل قدمن جي تجويز ڏني. علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهين دوران سينيٽ چيئرمين ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ ڄمون ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي حل تي زور ڀريندي ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ آبي معاهدي جي معطلي کي غير ذميواراڻو قدم قرار ڏنو. فلسطين جي صورتحال تي ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين اسرائيل جي هاڻوڪي اڳرائي جي شديد مذمت ڪئي ۽ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ورجائي. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي اڳواڻن پارلياماني سفارتڪاري، اقتصادي تعاون ۽ عوامي رابطن ذريعي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين يو اي اي جي شهرين کي پاڪستان جي تاريخي ثقافتي ماڳن ملتان، لاهور، ٺٽو، هنزه ۽ موهن جو دڙو جي دوري جي دعوت ڏني ته جيئن ثقافتي هم آهنگي ۽ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏئي سگهجي.