ايران ايئر جي پهرين اڏام جي ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهچڻ تي شاندار آجيان

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران ايئر جي پهرين اڏام جي ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي. پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي طرفان جاري بيان موجب ايران جي ايئر فلائيٽ 826 (اي 319) مشهد ۽ زاهدان مان ٿيندي گذريل رات ڪوئيٽا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ته ان جو شاندار ويٽر ڪينن سلوٽ سان استقبال ڪيو ويو، افتتاحي تقريب اسٽيٽ لائونج ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ بلوچستان جو گورنر …

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران ايئر جي پهرين اڏام جي ڪوئيٽا ايئرپورٽ پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي. پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي طرفان جاري بيان موجب ايران جي ايئر فلائيٽ 826 (اي 319) مشهد ۽ زاهدان مان ٿيندي گذريل رات ڪوئيٽا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ته ان جو شاندار ويٽر ڪينن سلوٽ سان استقبال ڪيو ويو، افتتاحي تقريب اسٽيٽ لائونج ۾ منعقد ٿيندي جنهن ۾ بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندو خيل هو، ايراني قونصل جنرل ۽ ٻيا مهمان به ان موقعي تي موجود هئا. تقريب جي موقعي تي پاڪستان ۽ ايران جا قومي ترانا وڄايا ويا. هي اڏام هاڻي هفتيوار بنيادن تي هر اربع تي رات جو ساڍا 9 وڳي ڪوئيٽا پهچندي. ايران ايئر جي ڪوئيٽا پهچندڙ فلائيٽ ۾ 30 جڏهن ته واپس ويندي ان تي 120 مسافر هئا.