اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته کنڊ جي پهچ ۽ قيمتن جي موثر نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي ڪنهن به قسم جي استحصال کان محفوظ رکڻ جي …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس
اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سينيٽر محمد اسحاق ڊار لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته کنڊ جي پهچ ۽ قيمتن جي موثر نگراني کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي ڪنهن به قسم جي استحصال کان محفوظ رکڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ ۽ مارڪيٽ ۾ ان جي مناسب فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدمن تي غور ڪيو ويو ته جيئن عوام کي ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي ڪري مصنوعي مهانگائي کان محفوظ رکي سگهجي. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، صنعت ۽ واپار واري سيڪريٽري، ٽريڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) جي چيئرمين، بلوچستان جي چيف سيڪريٽري، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) ۽ صوبائي خوراڪ کاتي جي نمائندن شرڪت ڪئي.











