لاهور-30 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مقامي حقيقتن کي سمجهڻ کانسواءِ علائقائي ترقي جا پائيدار هدف حاصل نٿا ڪري سگهجن، تعليمي ادارن کي تحقيق ذريعي پاليسي سازي ۾ رهنمائي فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي، پاڪستان کي 21 هين صدي جي چئلينجن سان هم آهنگ، جديد، شفاف ۽ عوام سان جڙيل …
مقامي حقيقتن کي سمجهڻ کانسواءِ علائقائي ترقي جا پائيدار هدف حاصل نٿا ڪري سگهجن: احسن اقبال
لاهور-30 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مقامي حقيقتن کي سمجهڻ کانسواءِ علائقائي ترقي جا پائيدار هدف حاصل نٿا ڪري سگهجن، تعليمي ادارن کي تحقيق ذريعي پاليسي سازي ۾ رهنمائي فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهي، پاڪستان کي 21 هين صدي جي چئلينجن سان هم آهنگ، جديد، شفاف ۽ عوام سان جڙيل سول سروس نظام جي ضرورت آهي، حڪومت هڪ جامع سڌاراجاتي فريم ورڪ تحت بيورو ڪريسي کي نئين روح، مقصد ۽ توانائي سان متحرڪ ڪري رهي آهي. هو پنجاب يونيورسٽي ۾ ” مقامي حقيقتون ۽ علائقائي مستقبل“ جي موضوع تي منعقد عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته دنيا تيزي سان بدلجي رهي آهي، ٽيڪنالاجي، موسمياتي بحران، آبادي جي دٻاءُ ۽ جاگرافيائي تبديلين حڪمراني جي روايتي ڍانچي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ۾ اهي ئي ملڪ اڳتي وڌندا جيڪي پنهنجي سول سروس کي علم، مهارت، شفافيت ۽ عوامي خدمتن جي اصولن تي هموار ڪندا. هن چيو ته پاڪستان جو موجوده سول سروس ڍانچو برطانوي نو آبادياتي دور جو آهي جيڪو ان وقت بڻايو ويو جڏهن مقصد قانون ۽ نظم ۽ ٽيڪس وصولي هو، ترقي ۽ تبديلي نه. اڄ جي دور ۾ اسان کي اهڙي نظام جي ضرورت آهي جيڪو استحڪام بدران جدت، رعايتن بدران سهڪار ۽ طريقيڪار بدران نتيجن کي ترجيح ڏي. احسن اقبال چيو ته حڪومت سول سروس سڌارن لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ تيار ڪيو آهي جنهن جو بنياد سمارٽ اصولن تي رکيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت سي ايس ايس امتحان ۾ بنيادي سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن ان جو محور انگريزي بدران تنقيدي سوچ، تجزياتي صلاحيت ۽ پاليسي فهم هجي. هن چيو ته اسان انگريزي کي ترقي جي نه اشرافيه جي قبضي جو ذريعو بڻايو آهي، ان سوچ کي بدلائڻ جو وقت اچي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته عورتن، اقليتن ۽ پٺتي پيل علائقن جي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن سول سروس واقعي عوام سان جڙيل ۽ ان جي اعتماد رکندڙ هجي. هن چيو ته رٿابندي واري وزارت يونيورسٽين، نجي شعبن ۽ حڪومت وچ ۾ عملي حصيداري لاءِ پبلڪ پاليسي ليبز جي قيام جي تجويز ڏني آهي، جيڪا پاليسي سازي کي تحقيق، ڊيٽا ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان جوڙيندي، احسن اقبال چيو ته حڪومت هڪ 7 نڪاتي تعليمي فريم ورڪ تيار ڪيو آهي جنهن ۾ علم تي ٻڌل پاليسي سازي، گڏيل تحقيق، پاليسي فيلوشپ پروگرامز، ڊجيٽل گورننس ۾ جدت، مقامي حڪومتن جي حل، تربيتي ماڊلز ۽ علائقائي تعاون شامل آهن. هن ڏکڻ ايشيائي سطح تي تعاون جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته خطي جا گڏيل مسئلا جهڙوڪ موسمياتي تبديلي، غربت ۽ پاڻي جي کوٽ، سرحدن کان مٿانهون آهن، جيتوڻيڪ هڪ سائوٿ ايشين گورننس فريم ورڪ جوڙڻ جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته اڄ جي دنيا ۾ گورننس جو عمل ٽيڪنالاجي جي ترقي، عالمي گڏيل دارومدار ۽ سماجي اميدن ۾ تبديلي سبب پهرين کان وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي هاڻي وڌيڪ نوجوان، شهري، تعليم يافته ۽ ڊجيٽل طور ڳنڍيل آهن ۽ عوام اهڙي حڪومت چاهي ٿي جيڪا وڌيڪ جوابده، حصيداري ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل هجي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت جو پراڻو ماڊل جنهن ۾ شهري ووٽ ڏيندا هئا ۽ پوءِ چونڊيل نمائندن جي فيصلن جا منتظر رهندا هئا، هاڻي جديد دور ۾ قابل عمل نه رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ماڻهو باخبر ۽ بااختيار ٿي چڪا آهن ۽ حقيقي وقت ۾ پاليسي سازي ۾ حصو وٺڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسلام انصاف، جوابدهي ۽ عوامي خدمت جي اصولن تي ٻڌل آهي، قرآن مجيد ۽ سيرت نبوي صلي الله عليٰ وآله وسلم ۾ حڪمراني کي امانت ۽ خدمت قرار ڏنو ويو آهي. هن حضرت عمر جي قول ”جيڪڏهن فرات جي ڪناري ۾ ڪو ڪتو به بکيو مري ويو ته عمر جواب ڏيندو“ کي ياد ڪندي چيو ته اهو ئي اصول اڄ جي دور ۾ به اسان جي رهنمائي ڪندا آهن. هن پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي تاريخي قول جو حوالو ڏيندي چيو ته ياد رکو، توهان رياست جا خادم آهيو، حڪمران نه، اوهان جي وفاداري پاڪستان جي رياست سان هجڻ گهرجي، هن چيو ته هي اهو ويزن آهي جنهن جي روشني ۾ حڪومت سول سروس سڌارن کي اڳتي وڌائي رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ سول سروس کي جديد، ميرٽ تي ٻڌل، شفاف ۽ عوامي خدمتن تي ٻڌل اداري ۾ بدلائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڪو به ملڪ صرف حڪومت جي ڏڍ تي نٿو بدلجي پر جيستائين رياست، نجي شعبو، تعليمي ادارا ۽ سول سوسائٽي حصيداري ۾ ڪم ڪندا ته حقيقي تبديلي ممڪن ٿيندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي سڌارا پاڪستان لاءِ هڪ نئين حڪومتي دور جي شروعات ثابت ٿيندا. پروفيسر احسن اقبال ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سٺي حڪمراني جون پاڙون اسلامي تعليم ۾ گهيرائي سان کتل آهن، جيڪي انصاف، جوابدهي ۽ عوامي خدمت تي ٻڌل آهن. هن چيو ته تعليمي ادارن کي گورننس ۾ جدت لاءِ ٿنڪ ٽينڪ طور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ علم تي ٻڌل ترقي جا مرڪز بڻجڻ گهرجن. هن يونيورسٽين لاءِ ڪارڪردگي جي 7 نڪاتي فريم ورڪ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ تعليمي معيار، تحقيق ۽ جدت، صنعت ۽ اڪيڊمي لاڳاپا، سماجي خدمت، ٽيڪنالاجي جو استعمال، ڪارپوريٽ گورننس ۽ گريجوئيٽس جي معيار جهڙا نڪتا شامل آهن، پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي هن ملڪ جي اشرافيا کي اپيل ڪئي ته جتي غريب عوام اڄ به پاڪستان جي مستقبل تي يقين رکي ٿو اتي خوشحال طبقي کي به ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته آچو ته سڀ گڏجي پاڪستان ٽيم طور ان ويزن کي حقيقت بڻايون. ڪانفرنس کي بنگلاديش جي ناڻي بابت خاص مددگار پروفيسر انيس الزمان، پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين ۽ پنجاب يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي به خطاب ڪيو.











