سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان جي ڪوئيٽا ۽ ڪيچ وارن علائقن ۾ ڪارروايون، 18 دهشتگرد جهنم حوالي ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي- 30 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ ٻن مختلف ڪاررواين دوران فتنه الهندستان جي 18 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب بلوچستان ۾ 28 ۽ 29 آڪٽوبر تي ٻن ڌار ڌار انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ ڀارتي پراڪسي الهندستان جا 18 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پهريون آپريشن ڪوئيٽا …

راولپنڊي- 30 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ ٻن مختلف ڪاررواين دوران فتنه الهندستان جي 18 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب بلوچستان ۾ 28 ۽ 29 آڪٽوبر تي ٻن ڌار ڌار انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ ڀارتي پراڪسي الهندستان جا 18 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پهريون آپريشن ڪوئيٽا ضلعي جي چلتن جبل ۾ ڪيو ويو، جتي دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪئي جنهن دوران شديد فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ 14 دهشتگرد مارجي ويا. ٻي ڪاروائي ڪيچ ضلعي جي بليده واري علائقي ۾ ڪئي وئي جتي دهشتگردن جي هڪ ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو ويو. ڪارروائي دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا. ٻنهي هنڌن تي ڪارروائين ۾ مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو مليو آهي. مارجي ويل دهشتگردن مان اڪثر مختلف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ته جيئن ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان سان لاڳاپيل دهشتگرن کي ختم ڪري سگهجي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداران پاران نيشنل ايڪشن پلان تحت وفاقي اپيڪس ڪميٽي جي فيصلي موجب ويزن، عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي روڪ ٿام واري مهم ڀرپور طريقي سان جاري آهي، جنهن جو مقصد ملڪ مان غير ملڪي حمايت واري دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آهي.