نيڌرلينڊ پاران پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد- 30آڪٽوبر (اي پي پي) نيڌرلينڊ پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تفصيل موجب ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي حڪمت عملي سان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملي آهي. پاڪستان جي ناڻي واري وزير ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ نيڌرلينڊ جي سفير وچ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ملاقات ٿي جنهن دوران  نيڌرلينڊ پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سهڪار وڌائڻ …

اسلام آباد- 30آڪٽوبر (اي پي پي) نيڌرلينڊ پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تفصيل موجب ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي حڪمت عملي سان پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملي آهي. پاڪستان جي ناڻي واري وزير ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ۽ نيڌرلينڊ جي سفير وچ ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ملاقات ٿي جنهن دوران  نيڌرلينڊ پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. زراعت، آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي نئين حصيداري تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. نيڌرلينڊ جون پاڪستان ۾ سرگرم 50 ڪمپنيون، ٽيڪسٽائل ۽ ٻين شعبن ۾ توسيع جون خواهشمند آهن. ناڻي واري وزير سينيٽر اورنگزيب چيو ته اقتصادي سڌارن کان پوءِ  پاڪستاني معيشت استحڪام طرف تيزي سان گامزن آهي. عالمي ريٽنگ ايجنسين پاڪستان جو اقتصادي جائزو اپ گريڊ ڪري پاڪستاني معيشت جي مضبوط ٿيڻ جو اشارو ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت مضبوط ۽ مستحڪم ٿي آهي. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري موقعا وڌائڻ ۾ ايس ايف آءِ جو ڪردار نمايان آهي. نيڌرلينڊ جي سفير چيو ته ترقي ۽ مالياتي اداري ( ايف ايم او)جو پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ۾ مدد جو ارادو آهي.