اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ٻن جدا جدا ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي جن ۾ 18 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ حوصلي ۽ جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪندي چيو …
وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ٻن جدا جدا ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۽ ڪيچ ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي خلاف ٻن جدا جدا ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي جن ۾ 18 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ حوصلي ۽ جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.











