وزيراعظم پاران باجوڙ ضلعي انتهائي گهربل خارجي سرغنه سميت 4 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۾ سيڪيورٽي آپريشن دوران انتهائي گهربل خارجي سرغنه سميت 4 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيواراڻي مهارت جي ڪري انتهائي گهربل خارجي ڪمانڊر امجد کي جهنم ڀيڙو ڪري پاڪستان جي سالميت جي …

اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ ضلعي ۾ سيڪيورٽي آپريشن دوران انتهائي گهربل خارجي سرغنه سميت 4 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيواراڻي مهارت جي ڪري انتهائي گهربل خارجي ڪمانڊر امجد کي جهنم ڀيڙو ڪري پاڪستان جي سالميت جي دشمنن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته معصوم  شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي انهي انداز ۾ شڪست ڏيندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.