صدر پاران بلوچستان ۾ فتنه الھندوستان جي 18 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن آپريشنز ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الھندوستان جي 18 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چلتن جبل ڪوئيٽا ۾ ڳُجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران ڀارتي سرپرست يافته 14 دهشتگردن جي مارجڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي …

اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن آپريشنز ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الھندوستان جي 18 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر چلتن جبل ڪوئيٽا ۾ ڳُجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران ڀارتي سرپرست يافته 14 دهشتگردن جي مارجڻ کي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. صدر ڪيچ جي علائقي بليده ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي آپريشن ۾ چئن دهشتگردن کي انجام تي پُڄائڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته سيڪيورٽي فورسز پاران علائقي کي صاف ڪرڻ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي عزم جو عڪاس آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا "عزم استحڪام” تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن. صدر قوم جي طرفان سيڪيورٽي فورسز جي قربانين ۽ همت کي خراج تحسين پيش ڪيو.