اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن بلاول ڀٽو زرداري کي بينظير هنرمند پروگرام تي بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته بي آءِ ايس پي تحت مستحق ماڻهن کي ملندڙ ادائيگين جي نظام کي وڌيڪ شفاف ڪيو وڃي. هن چيو ته مستحق …
پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سينيٽر روبينه خالد جي ملاقات
اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد زرداري هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن بلاول ڀٽو زرداري کي بينظير هنرمند پروگرام تي بريفنگ ڏني. بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته بي آءِ ايس پي تحت مستحق ماڻهن کي ملندڙ ادائيگين جي نظام کي وڌيڪ شفاف ڪيو وڃي. هن چيو ته مستحق ماڻهن کي ادائيگي جو هڪ اهڙو نظام بڻايو وڃي جنهن ۾ ڪنهن جي عزت نفس مجروح نه ٿئي. سينيٽر روبينه خالد خاطري ڪرائي ته بي آءِ ايس پي تحت ادائيگين جي نظام ۾ جلد وڌيڪ بهتري آندي ويندي.











