وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ کجور جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي وفد سان آن لائن اجلاس

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کجور جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي وفد سان تفصلي آن لائن اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وزارت جي سينئر آفيسرن سميت وفاقي سيڪريٽري امير محي الدين شرڪت ڪئي، جنهن سيڙپڪاري ۽ گڏيل تعاون جي امڪاني رخن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کجور جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي وفد سان تفصلي آن لائن اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ وزارت جي سينئر آفيسرن سميت وفاقي سيڪريٽري امير محي الدين شرڪت ڪئي، جنهن سيڙپڪاري ۽ گڏيل تعاون جي امڪاني رخن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. گڏيل عرب امارتن طرفان سيميسولانڪولا ابيري وفد جي نمائندگي ڪئي جنهن پائيدار زرعي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس دوران وفاقي وزير کجور جي شعبي ۾ پاڪستان جي بي پناهه صلاحيت کي اجاگر يو ۽ چيو ته پاڪستان دنيا جي وڏن کجور پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، وفاقي وزير ٻڌايو ته ملڪ ۾ ساليانو پيداوار 5 لک ٽن کان وڌيڪ آهي، جيڪا هڪ لک ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي مان حاصل ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ملڪ جي وڏي پيداوار جا مرڪز بلوچستان ۽ سنڌ آهن جتي مشهور قسم مثال طور عسيل، مزوتي، ڌڪي، ربي، بيگم جانگي، ڪربلا ۽ خضري پوکيا ويندا آهن. اجلاس ۾ پاڪستان جي موجوده روانگي واپار تي به غور ڪيو ويو جنهن ۾ مسلسل بهتري ڏٺي پئي وڃي. پاڪستان جي کجور جي روانگي واپار جي وڏن مرڪزن ۾ گڏيل عرب امارتون، برطانيه، جرمني، آسٽريليا ۽ ترڪيه شامل آهن. پاڪستاني کجور جي روانگي واپار جي ماليت 50 ملين آمريڪي ڊالر کان وڌي چڪي آهي. وفاقي وزير کجور جي شعبي ۾ درپيش چئلينجن جو ذڪر پڻ ڪيو، وفاقي وزير چيو ته مشڪلاتن باوجود پاڪستان وٽ پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي وسيع گنجائش موجود آهي جنهن کي جديد ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ جدت ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو ته اهڙن حصيداري وارن منصوبن کي هٿي ڏني ويندي جيڪي ان شعبي ۾ پراسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ مارڪيٽنگ جي نظام کي بهتر بڻائين. گڏيل عرب امارتن جي نمائندي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي اعلان ڪيو ته گڏيل عرب امارتن طرفان پاڪستان ۾ ٽن جديد کجور پراسيسنگ پلانٽس جي قيام جي عمل کي تيز ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي جلد هڪ يادداشت نامي ذريعي باضابطا شڪل ڏني ويندي جيڪا قدر ۾ اضافي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ روانگي واپار ۾ بهتري بابت گڏيل منصوبن جو بنياد فراهم ڪندي. وفاقي وزير گڏيل عرب امارتن جي دلچسپي کي ساراهيندي چيو ته هي تعاون پاڪستان حڪومت جي ان ويزن سان هم آهنگ آهي جنهن تحت ملڪ کي قدر ۾ اضافي تي ٻڌل زرعي معيشت طرف گامزن ڪيو پيو وڃي.