وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت ۽ ذهين شاگردن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ جي شروعات اڄ کان ٿيندي

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت ۽ ذهين شاگردن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ جي شروعات (اڄ) خميس کان ٿيندي، ان حوالي سان خاص تقريب ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيندي. تفصيل موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ آن لائن درخواستون طلب ڪيون ويون هيون، سرڪاري ۽ غير سرڪاري يونيورسٽين طرفان ميرٽ تي قابل ۽ ذهين نوجوانن جون فهرستون ٺاهيون ويون، …

اسلام آباد- 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت باصلاحيت ۽ ذهين شاگردن ۾ هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائڻ جي شروعات (اڄ) خميس کان ٿيندي، ان حوالي سان خاص تقريب ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيندي. تفصيل موجب وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپ اسڪيم لاءِ آن لائن درخواستون طلب ڪيون ويون هيون، سرڪاري ۽ غير سرڪاري يونيورسٽين طرفان ميرٽ تي قابل ۽ ذهين نوجوانن جون فهرستون ٺاهيون ويون، ميرٽ تي هڪ لک شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا. ان حوالي سان افتتاحي تقريب اڄ ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندي. ان کانپوءِ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ به وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ليپ ٽاپ ورهائڻ جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان ڏس ۾ نوجوانن کي تعليم سميت ٻين شعبن ۾ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.