راولپنڊي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جي شروعات 28 آڪٽوبر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي. سيريز جو پهريون ميچ مقامي وقت موجب رات 8 وڳي شروع ٿيندو. ٻئي ٽيمون ان اهم مقابلي لاءِ ڀرپور تياري ڪري چڪيون آهن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي هڪ سنسني خيز ميچ ڏسڻ لاءِ ملندي. پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي آل …
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 سيريز جي شروعات (اڄ) راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي

مزید خبریں
راولپنڊي-27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي 20 انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جي شروعات 28 آڪٽوبر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيندي. سيريز جو پهريون ميچ مقامي وقت موجب رات 8 وڳي شروع ٿيندو. ٻئي ٽيمون ان اهم مقابلي لاءِ ڀرپور تياري ڪري چڪيون آهن ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي هڪ سنسني خيز ميچ ڏسڻ لاءِ ملندي. پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي آل رائونڊر سلمان علي آغا ڪندو. اسڪواڊ ۾ شامل ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم، عبدالصمد، شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، صائم ايوب، عثمان خان، محمد نواز، محمد وسيم، فهيم اشرف، حسن نواز، صاحبزاده فرحان، سلمان مرزا، ابرار احمد، عثمان خان ۽ـ عثمان طارق شامل آهن. ناليواري بيٽر بابر اعظم جي ٽي 20 اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي. پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن جو چوڻ آهي ته بابر اعظم هڪ تجربيڪار بيٽر آهي جيڪو ٽيم لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. بابر اعظم هن وقت هڪ اهم سنگ ميل جي ويجهو آهي. ان کي ڀارت جي روهيت شرما جو ٽي 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ صرف 9 رنسون گهربل آهن. روهت شرما 159 ميچن ۾ 4231 رنسون بڻايون جڏهن ته بابر اعظم 128 ميچن ۾ 4223 رنسن سان ٻئي نمبر تي آهي. ٻي طرف ڏکڻ آفريقا جي قيادت ڊونو ون فريرا ڪندو. اسڪواڊ ۾ اوٽنيل بارٽمين، ڪوربن بوش، ميٿيو بريٽز ڪي، ڊيوالڊ بريوس، نانڊري برگر، ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ، ٽوني ڊي زورزي، ريدا هينڊرڪس، جاج لنڊي، لنگي نگيدي، انڪابايومزي پيٽر، لوان ڊري پريٽوريئس، اينڊائل سيميلاني ۽ ليزا دوليمز شامل آهن.











