ڏکڻ آفريقا، پاڪستان کي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي

راولپنڊي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا شاندار ڪم بيگ ڪندي پاڪستان کي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ 138 رنسن تي ڍير ٿي وئي. بابر اعظم اڌ سينچري اسڪور ڪئي، سائمن هارمر 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. مهمان ٽيم 68 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. …

راولپنڊي-23 آڪٽوبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا شاندار ڪم بيگ ڪندي پاڪستان کي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. پاڪستاني ٽيم ٻي اننگز ۾ 138 رنسن تي ڍير ٿي وئي. بابر اعظم اڌ سينچري اسڪور ڪئي، سائمن هارمر 6 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. مهمان ٽيم 68 رنسن جو هدف آسانيءَ سان 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ايڊن مارڪرم 42 ۽ رائن ريڪلٽن ناقابل شڪست 25 رنسون ٺاهيون. ڪيشو مهاراج کي ميچ ۾ مجموعي طور تي 9 وڪيٽون ۽ 30 قيمتيون رنسون بنائڻ تي مين آف ميچ قرار ڏنو ويو. سينوران ميٿوسيمي سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ڪالهه روالپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميچ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان 94 رنسون 4 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز ٻيهر شروع ڪئي ته بابر اعظم 49 ۽ محمد رضوان 26 رنسن تان ڪريز تي موجود هئا. بابر اعظم پنهنجي گذريل ڏينهن جي اسڪور ۾ صرف هڪ رنس جي واڌ کانپوءِ سائمن هارمر جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو. محمد رضوان به گهڻي دير تائين تڪي نه سگهيو ۽ 18 رنسون ٺاهي سائمن هارمر جي بال تي ٽوني ڊي زورزي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. نعمان علي ستون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي هارمر جو شڪار بڻيو جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي رن آئوٽ ٿي پويلين موٽي ويو. سلمان آغا 28 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پر ڪيشو مهاراج جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو. ساجد خان 13 رنسون ٺاهي ڪيشو مهاراج جي بال تي اسٽيمپ آئوٽ ٿيو، ائين پوري پاڪستاني ٽيم 138 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڏکڻ آفريقا طرفان اسپنر سائمن هارمر تباهه ڪُن بالنگ جو مظاهرو ڪندي 6 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ڪيشو مهاراج 2 ۽ ڪاگيسو ربادا هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. پهرين اننگز ۾ 71 رنسن جي برتري حاصل ٿيڻ سبب ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ لاءِ صرف 68 رنسون گهربل هيون. مهمان ٽيم هدف 2 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. اوپنر ايڊن مارڪرم 42 رنسون ٺاهي نعمان علي جو شڪار بڻيو جڏهن ته رائن ريڪلٽن ناقابل شڪست 25 رنسون ٺاهيون. ٽرسٽن سٽبز کي نعمان علي ٻڙي تي آئوٽ ڪيو. ڪيشو مهارج کي ميچ ۾ مجموعي طور 9 وڪيٽون ۽ ٻي اننگز ۾ 30 رنسن جي مفيد اننگز کيڏڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته ڏکڻ آفريقا پاڪستان جي پهرين اننگز جي 333 رنسن جي جواب ۾ 404 رنسون ٺاهيون هيون.