پيرس-23 آڪٽوبر(اي پي پي) سربيا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ 24 ڀيرا گرينڊ سلم چيمپئين نوويڪ جوڪووچ اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ هفتي فرانس ۾ ٿيندڙ پيرس ماسٽرز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب 38 سالن جي نوويڪ جوڪووچ اهو فيصلو ٽنگ جي تڪليف سبب ڪيو آهي، جنهن جي ڪري هو ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب ۾ ٿيل سڪس ڪنگز سلم ايونٽ دوران راند جاري …
نوويڪ جوڪووچ پاران پيرس ماسٽرز اوپن ٽينس تان هٿ کڻن جو اعلان

مزید خبریں
پيرس-23 آڪٽوبر(اي پي پي) سربيا جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ 24 ڀيرا گرينڊ سلم چيمپئين نوويڪ جوڪووچ اعلان ڪيو آهي ته هو ايندڙ هفتي فرانس ۾ ٿيندڙ پيرس ماسٽرز اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ شرڪت نه ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب 38 سالن جي نوويڪ جوڪووچ اهو فيصلو ٽنگ جي تڪليف سبب ڪيو آهي، جنهن جي ڪري هو ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب ۾ ٿيل سڪس ڪنگز سلم ايونٽ دوران راند جاري نه رکي سگهيو هيو. 38 سالن جي نوويڪ جوڪووچ ٽينس مسئلن سبب هلندڙ سيزن ۾ محدود شرڪت ڪئي آهي ۽ 4 وڏن گريند سلم ايونٽس کان علاوه 8 اي ٽي پي ٽورنامينٽس ۾ حصو ورتو. هن هلندڙ سال آسٽريلين اوپن، ومبلڊن ۽ يو ايس اوپن چئني جي سيمي فائنل تائين پهتا هو. سندس آخري باقاعده ٽورنامينٽ شنگهائي ماسٽرز هيو. هو هپ جي تڪليف سبب سيمي فائنل ۾ شامل نه ٿي سگهيو هو. نوويڪ جوڪووچ 2024ع جي اي ٽي پي فائنلز لاءِ ڪواليفاءِ ته ڪيو هيو پر هو اهو ايونٽ نه کيڏيو. هلندڙ سال جا اي ٽي پي فائنلز مقابلا 9 کان 16 نومبر تائين ٽورين اٽلي ۾ منعقد ٿيندا.











