انگلش پريميئر ليگ ۾ برينٽ فورڊ ويسٽ هيم يونائيٽيڊ کي 2-0 تان هارائي ڇڏيو

لنڊن-21 آڪٽوبر(اي پي پي)برينٽ فورڊ انگلش پريمئير ليگ جي هڪ ميچ ۾ ويسٽ هيم يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي، برينٽ فورڊ جي اي پي ايل ۾ اها ٽئين ڪاميابي آهي. آمريڪي ويب سائيٽ موجب انگلش پريمئير فٽ بال ليگ جي 34 هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. لنڊن اسٽيڊيم ۾ کيڏيل اهم ميچ ۾ برينٽ فورڊ ۽ ويسٽ …

لنڊن-21 آڪٽوبر(اي پي پي)برينٽ فورڊ انگلش پريمئير ليگ جي هڪ ميچ ۾ ويسٽ هيم يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي، برينٽ فورڊ جي اي پي ايل ۾ اها ٽئين ڪاميابي آهي. آمريڪي ويب سائيٽ موجب انگلش پريمئير فٽ بال ليگ جي 34 هون سيزن انگلينڊ ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. لنڊن اسٽيڊيم ۾ کيڏيل اهم ميچ ۾ برينٽ فورڊ ۽ ويسٽ هيم يونائيٽيڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ برينٽ فورڊ جي ٽيم بهترين راند پيش ڪندي ويسٽ هيم يونائيٽيڊ جي ٽيم کي 2-0 جي گولن تان هارائي ڇڏيو. برينٽ فورڊ جي اي پي ايل ۾ اها ٽئين ڪاميابي آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي 10 سان 13 هين نمبر تي موجود آهي.