پاڪستان روشنين، امن، هم آهنگي ۽ برداشت ۽ تحمل جي سرزمين آهي، هتي نفرت، فتني فساد، انتشار ۽ دهشتگردي جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي، پوري قوم دهشتگردي جي اونداهين ۽ نفرت جي اونداهي کي مٽائڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ اقليتن جي فخر جوڳي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان روشنين، امن، هم آهنگي ۽ برداشت ۽ تحمل جي سرزمين آهي، هتي نفرت، فتني فساد، انتشار ۽ دهشتگردي جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي، پوري قوم دهشتگردي جي اونداهين ۽ نفرت جي اونداهي کي مٽائڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل …

اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ اقليتن جي فخر جوڳي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان روشنين، امن، هم آهنگي ۽ برداشت ۽ تحمل جي سرزمين آهي، هتي نفرت، فتني فساد، انتشار ۽ دهشتگردي جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي، پوري قوم دهشتگردي جي اونداهين ۽ نفرت جي اونداهي کي مٽائڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، حڪومت اقليتن جي لاءِ خصوصي قدم کنيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ ڏياريءَ جي ڏڻ تي منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير، اقليتن سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبر ۽ مختلف اقليتي برادرين جا اهم اڳواڻ موجود هئا. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي هندو برادري کي ڏياريءَ جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اڄ هتي اقليتن ۽ اڪثريت جي مذهبي، سياسي نمائندن جي موجودگي پاڪستان جي تصور جي عملي تصوير آهي، باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ جي تقرير ۾ اعلان ڪيو هو ته سمورن مذهبن کي مڃيندڙ پاڪستان ۾ پنهنجي عبادتگاهن ۾ ڪنهن خوف ۽ ڊپ کانسواءِ پنهنجي عبادت ۽ رسمون ادا ڪري سگهن ٿا، انهن کي مذهبي آزادي حاصل آهي، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پاڪستان جي دفاع تائين هر محاذ تي اقليتي برادرين جهڙي طرح فخي جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي ان تي اسان کي ناز آهي. اڄ جو ڏينهن ان حقيقت کي وڌيڪ نمايان ڪري ٿو ته مسلم ۽ غيرمسلم پاڪستاني گڏجي ملڪ جي خلاف ٿيندڙ ڪنهن به شرانگيزي ۽ حملي جو مقابلو ڪن ٿا ۽ اقليتن سان ڪنهن به ناانصافي جي افسوس جوڳي ۽ مذمت جوڳي واقعن کي پاڪستان جي اڪثريت ڪڏهن به پسند ناهي ڪيو ۽ سدائين ان جي مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم تعليم، صحت سميت سمورن شعبن ۾ اقليتن جي اڻٿڪ خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته سمورين سياسي پارٽين ۾ انهن جي نمائندگي موجود آهي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ کيئل داس ڪوهستاني مملڪتي وزير آهي، هندو مسيحي برادري جا ميمبر سينيٽ اسيمبلين ۾ موجود آهن. وزيراعظم اقليتن جي لاءِ حڪومتي قدمن کي اجاگر ڪندي چيو ته وفاقي ڪابينا پاران بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جي منظوري ڏئي چڪي آهي، حڪومت جي ٻي وڏي ڪاميابي قومي اقليتي ڪميشن بل جي سينيٽ ۽ اسيمبلي مان منظوري آهي ته جيئن ڪميشن کي قانوني طور تي مضبوط ڪري سگهجي. هن چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اقليتن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي پرائمري کان يونيورسٽي جي اعليٰ تعليم تائين وظيفا ڏنا پيا وڃن، وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت مختلف پروگرامن ۾ به انهن کي شامل ڪيو ويو آهي، ميرٽ کانسواءِ انهن جي لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص آهي، انهن جي مذهبي ڏڻن تي انهن کي موڪل ڏني وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان روشنين، امن، هم آهنگي ۽ برداشت ۽ تحمل جي سرزمين آهي، هتي نفرت، فتني فساد، انتشار ۽ دهشتگردي جي لاءِ ڪا جڳهه نه آهي، پوري قوم دهشتگردي جي اونداهين ۽ نفرت جي اونداهي کي مٽائڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي بهادر هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري سان گڏ ڏياريءَ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ڏياريءَ جي موقعي تي تقريب منعقد ڪرڻ تي هندو برادري ٿورا مڃيا. ان کان اڳ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ڏياريءَ جو پروگرام پرامن پاڪستان جو پيغام ڏي ٿو، پاڪستان هڪ امن پسند خطو آهي. مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته محمد نواز شريف 2015ع ۾ بطور وزيراعظم ڏياريءَ جو ڏڻ سرڪاري سطح تي ملهايو، هلندڙ سال سرڪاري سطح تي وزيراعظم هائوس ۾ ڏياريءَ جو پروگرام منعقد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته دشمن اسان جي مدرسن تي حملا ڪيا پر پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ۾ ڪنهن مذهبي جڳهه يا سول آبادي تي حملو نه ڪيو، پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا آئيني حق ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي، ڀارت ۾ سمورن اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته هٿياربند فوج مودي جو تڪبر خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.

مزید خبریں