قومي ترقيءَ لاءِ اصلاحي تنقيد کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته قومي ترقيءَ لاءِ اصلاحي تنقيد کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، نه وري تنقيد براءِ تنقيد ڪئي وڃي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمون هميشه مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان ڪيون ويون آهن ته جيئن قانونسازي، عوامي مفاد ۽ قومي يڪجهتيءَ موجب هجي. هن …

اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته قومي ترقيءَ لاءِ اصلاحي تنقيد کي هٿي ڏيڻ ضروري آهي، نه وري تنقيد براءِ تنقيد ڪئي وڃي. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمون هميشه مشاورت ۽ اتفاق راءِ سان ڪيون ويون آهن ته جيئن قانونسازي، عوامي مفاد ۽ قومي يڪجهتيءَ موجب هجي. هن ٻُڌايو ته ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ لاءِ قانونسازي وقت جي اهم ضرورت هئي ته جيئن نوجوان نسل کي بهتر مستقبل فراهم ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل هڪ مشاورتي فورم آهي جڏهن ته ڪنهن معاملي کي شرعي يا غير شرعي قرار ڏيڻ جو اختيار صرف وفاقي شرعي عدالت کي حاصل آهي. هن آباديءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ کي ملڪ لاءِ هڪ وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان آباديءَ ۾ واڌ جي حوالي سان دنيا جي مُک ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي ۽ آباديءَ تي ڪنٽرول وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي. اعظم نذير تارڙ زور ڀريو ته اسان کي پنهنجي سماجي ۽ قبائلي روايتن کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کڻڻا پوندا جيڪي شريعت جي دائري ۾ رهندي انساني فلاح ۽ بهبود کي يقيني بڻائين. هن چيو ته شريعت انساني فلاح ۽ بهبود کان ڪڏهن به نٿو رکي. وفاقي وزير چيو ته 70 جي ڏهاڪي تائين آباديءَ جي ڪنٽرول لاءِ مؤثر قدم کنيا ويا پر 80 جي ڏهاڪي ۾ هي ايجنڊا پُٺتي هلي وئي جنهن جا اثر اڄ به اسان کي ڀوڳڻا پئجي رهيا آهن.

مزید خبریں