پاڪستان جي صنعتي ترقي گهريلو، ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعتن جي ترقي سان مشروط آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهريلو صنعتن جي رجسٽريشن جي حوصلا افزائي تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي صنعتي ترقي گهريلو، ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعتن جي ترقي سان مشروط آهي. هو پنهنجي صدارت ۾ سميڊا جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ايس ايم ايز جي ترقي تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، …

اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهريلو صنعتن جي رجسٽريشن جي حوصلا افزائي تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي صنعتي ترقي گهريلو، ننڍي ۽ وچولي پئماني جي صنعتن جي ترقي سان مشروط آهي. هو پنهنجي صدارت ۾ سميڊا جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ايس ايم ايز جي ترقي تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سميڊا جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ايس ايم ايز جي ترقي بابت قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن، ايس ايم ايز ۾ عورتن جي شموليت کي وڌائڻ جي لاءِ قدم خوش آئنده آهن. ان حوالي سان آگاهي کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم گهريلو صنعتن جي رجسٽريشن جي حوصلا افزائي جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن انهن کي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قرض حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سميڊا جي روڊ ميپ جي لاڳو ٿيڻ جو واضح مدو طئي هجي ۽ عملدرآمد جلد کان جلد يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي صنعتي ترقي، گهريلو، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي ترقي سان مشروط آهي، ترقي يافته ملڪن ۾ وڌندڙ صنعتن جو خام مال ايس ايم ايز فراهم ڪري ٿي. زرعي جنسن جي پراسيسنگ جي لاءِ ڳوٺاڻي علائقن ۾ ايس ايم ايز جي حوالي سان تربيت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم سميڊا جي نئين سر تنظيم سازي ۽ ايس ايم ايز جي ترقي لاءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ايس ايم ايز جي ترقي لاءِ آفيسون کوليون ويون آهن جنهن کي عوام ۽ چيمبرز پاران ساراهيو پيو وڃي. سميڊا جو نجي شعبي جي ماهرن تي ٻڌل بورڊ جوڙيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جي حڪمن جي ڪري ايس ايم ايز جي صلاحيت، قرضن جي فراهمي، سيڙپڪاري ۽ گڏيل حصيداري ۾ تمام وڏو اضافو ٿيو آهي. عورتن جي ايس ايم ايز شعبي ۾ حوصلا افزائي جي لاءِ عورت انٽرپرينيورشپ پليٽ فارم جوڙيو پيو وڃي، جيڪو مصنوعي ذهانت تي ٻڌل هوندو. اهو پليٽ فارم عورتن کي ڪاروباري شعبي جي حوالي سان مڪمل معلومات فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ رجسٽريشن، ٽيڪس معاملن ۽ هنر جي آگاهي به ڏيندو. اجلاس ۾ ايس ايم ايز کي رسمي معيشت جو حصو بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو روڊ ميپ به شامل ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں