ڏياري روشنين جو ڏڻ آهي جيڪو روشني جي اونداهيءَ تي ۽ اميد جي مايوسي تي فتح جي جشن جي عڪاسي ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر برادري کي ان جي عقيدي کان هٽي ڪري برابر حق ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موجود هندو برادري کي ڏياري جي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته ڏياري روشنين جو ڏڻ آهي ۽ روشني جي اونداهيءَ تي ۽ اميد جي مايوسي تي …

اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر برادري کي ان جي عقيدي کان هٽي ڪري برابر حق ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موجود هندو برادري کي ڏياري جي مبارڪباد ڏيندي وزيراعظم چيو ته ڏياري روشنين جو ڏڻ آهي ۽ روشني جي اونداهيءَ تي ۽ اميد جي مايوسي تي فتح جي جشن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڏياري ملهائڻ وقت اچو اسان سڀ گڏجي مستقبل کي مثبت سوچ ۽ اتحاد جي نظريي سان ڏسون. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هجڻ جي ناطي اسان پنهنجي معاشري جي گهڻ پاسائين هُجڻ تي فخر ڪريون ٿا، جيڪا اسان جي قومي ڌارا کي مضبوط بڻائي ٿو ۽ اسان جي گڏيل ثقافت کي سگهه بخشي ٿو. وزيراعظم چيو ته ان موقعي تي هو پاڪستان ۾ هندو برادري جي اڻٿڪ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جنهن جو اسان جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي شعبن ۾ ڪردار اسان جي قوم کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ گهڻ پاساوان عقيدا اسان جي ماڻهن جي وچ ۾ اتحاد جو هڪ حقيقي ذريعو آهن. هندو ۽ ٻين اقليتي برادرين سان تعلق رکندڙ پاڪستانين کي پنهنجي ملڪ جي ترقي جي لاءِ پنهنجي مسلمان ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڪم ڪندي ڏسي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي پاڪستان جو تصور ڏنو هو جتي سڀني برادرين کي مذهب، نسل يا ذات جي بنياد تي بنا ڪنهن فرق جي آزادي حاصل هجي. حڪومت انهن قدرن کي برقرار رکڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته پاڪستان ۾ هر برادري کي ان جي عقيدي کان هٽي ڪري برابر حقن ۽ هڪ جهڙي ترقي جا موقعا حاصل هجن. هن هندو برادري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته روشنين جو هي ڏڻ انهن جي زندگين ۾ امن ۽ خوشي آڻي ۽ اسان جي ملڪ ۾ سمورن مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي کي وڌائي.

مزید خبریں