وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ملاقات

اسلام آباد - 20 آڪٽوبر(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي جنهن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، دهشتگردي جي تازن واقعن ۽ جاري آپريشن بابت خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ فتنه الخوارج خلاف مختلف ضلعن ۾ جاري ڪارروائين، پاڪ افغان سرحدي حالتن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن …

اسلام آباد – 20 آڪٽوبر(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ملاقات ڪئي جنهن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال، دهشتگردي جي تازن واقعن ۽ جاري آپريشن بابت خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ فتنه الخوارج خلاف مختلف ضلعن ۾ جاري ڪارروائين، پاڪ افغان سرحدي حالتن ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن ڪي پي ڪي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ساراهيو ۽ سندن خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. محسن نقوي چيو ته پوليس ٽريننگ سينٽر ۽ نادرا آفيس ڊيره اسماعيل خان تي حملن ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن کي سموري قوم سلام پيش ڪري ٿي. هنن متاثر عمارتن جي نئين سر بحالي جي عمل بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جو عوام ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بهادري سان دهشتگردي جي ناسور جو مقابلو ڪري رهيا آهن، فتنه الهندوستان جا دهشتگرد پاڪستان ۾ يڪجهتي ۽ امن جا دشمن آهن، انهن ناپاڪ عنصرن خلاف آپريشن جاري رهندي ۽ اسان پاڪستان جي سرزمين تان فتنه الهندوستان جو خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. محسن نقوي واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ امن امان جي قيام ۽ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ ڀرپور سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جا ناپاڪ عزم ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ٿينداسين، خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام امن جو امين آهي، صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ امن اڻٽر آهي ۽ ملڪ ۽ قوم جي دشمنن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن وقت جي ضرورت آهي. ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪ دشمن عنصرن خلاف ڪارروائيون پوري قوت سان جاري رهنديون ته جيئن صوبي ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائي سگهجي.

مزید خبریں