صوابي پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي گڏيل ڪارروائي، فتنه الخوارج جا ٻه دهشتگرد مارجي ويا

پشاور - 20 آڪٽوبر(اي پي پي) صوابي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي مينئي اجمير جابلو علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جي ٻن خطرناڪ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ترجمان مطابق صوابي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ٽيم علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي فوري ڪارروائي ڪئي. آپريشن دوران دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪئي جنهن تي پوليس موثر جوابي ڪارروائي ڪندي ٻن دهشتگردن کي ماري …

پشاور – 20 آڪٽوبر(اي پي پي) صوابي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ڳجهي اطلاع تي مينئي اجمير جابلو علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جي ٻن خطرناڪ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. ترجمان مطابق صوابي پوليس ۽ سي ٽي ڊي ٽيم علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي فوري ڪارروائي ڪئي. آپريشن دوران دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪئي جنهن تي پوليس موثر جوابي ڪارروائي ڪندي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته ٻه دهشتگرد رات جي اونڌاهي جو فائدو کڻندي موقعي تان فرار ٿي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ نعمان عرف ماني ۽ عبدالباسط جي نالن سان ٿي آهي، ٻنهي دهشتگردن جو تعلق ٽي ٽي پي سيد الڪبر گروپ سان هو ۽ مختلف  وارداتن ۾ گهربل هئا جن ۾ گدون ۾ ٻه پوليس اهلڪارن جي شهادت، پوليس چوڪين تي هينڊ گرينيڊ حملن ۽ پوليس ٺڪاڻن تي حملا شامل هئا. ڪارروائي دوران دهشتگردن جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف، هينڊ گرنيڊ، پسٽل، ڪيترائي ڪارتوس ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. پوليس ٻين دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ڊي پي او صوابي پوليس پارٽي جي وقت سر ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته ضلعي ۾ دهشتگردن جي هر ڪوشش ناڪام بڻايو ويندو. عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ صوابي پوليس جي پهرين ترجيح آهي.

مزید خبریں