اسلام آباد-20 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪ - سعودي عرب جي ڀائيواري ۽ ڊجيٽل شعبي جي ترقي ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي، پاڪ - سعودي سهڪار سان گو اي آءِ حب جي باضابطه افتتاح سان پاڪستان جي ڊجيٽل شعبي اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي. تفصيل مطابق ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي حڪمت عملي سان پاڪستان ۾ ڊجيٽل ترقي جو …
پاڪ – سعودي ڀائيواري ۽ ڊجيٽل شعبي جي ترقي ۾ ايس آءِ ايف سي جو ڪردار واکاڻ جوڳو

مزید خبریں
اسلام آباد-20 آڪٽوبر(اي پي پي) پاڪ – سعودي عرب جي ڀائيواري ۽ ڊجيٽل شعبي جي ترقي ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي، پاڪ – سعودي سهڪار سان گو اي آءِ حب جي باضابطه افتتاح سان پاڪستان جي ڊجيٽل شعبي اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي. تفصيل مطابق ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي حڪمت عملي سان پاڪستان ۾ ڊجيٽل ترقي جو نئون دور شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل واڌ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سهڪار ڪيو آهي.گو اي آءِ حب مصنوعي ذهانت، ڊيٽا انفرااسٽرڪچر ۽ هنر مند افرادي سگهه کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. منصوبي جو مقصد پاڪستاني فري لانسرز کي سعودي عرب ۽ عالمي منڊين تائين سڌيءَ ريت رسائي فراهم ڪرڻ آهي. اها قدم پاڪستان جي ڊجيٽل نيشن ويزن سان هم آهنگ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل معيشت جو بنياد آهن.











