آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ ٻيو ون ڊي ميچ 23 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو

ايڊيليڊ-20 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 23 آڪٽوبر تي ايڊيليڊ ۾ کيڏو ويندو. ميزبان آسٽريلوي ٽيم کي مهمان ڀارتي ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ڪينگروز پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارايو هيو. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي دوري دوران …

ايڊيليڊ-20 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٻيو ميچ 23 آڪٽوبر تي ايڊيليڊ ۾ کيڏو ويندو. ميزبان آسٽريلوي ٽيم کي مهمان ڀارتي ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ڪينگروز پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم کي 7 وڪيٽن تان هارايو هيو. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ون ڊي ۽ پنجن ٽي -20 ميچن جي سيريز کيڏندي. ون ڊي سيريز جي هڪ ميچ کيڏجي چڪي آهي جيڪا ميزبان ٽيم کٽي هئي. آسٽريليا ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 23 آڪٽوبر تي ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز ۾ آسٽريلوي ٽيم جي اڳواڻي آل رائونڊر مچل مارش ڪري رهيو آهي. ڀارتي ٽيم کي شبمن گل ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 25 آڪٽوبر تي سڊني ۾ کيڏي ويندي.